اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت ساڍا ٽن سالن ۾ جيترا ڪم ڪيا ٻين پارٽين 35 سالن ۾ نه ڪيا، آئون ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهيان پر ان جي پاليسين جي خلاف آهيان، هر عالمي فورم تي اسلامو فوبيا جي مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي، اسان جي ڪوششن سان گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ٿيڻ وڃي رهي آهي، ڀارت ۾ سٺي قيادت جي لاءِ دعاڳو آهيون ته جيئن اها ڪشميرين کي بنيادي حق ڏي، ڀارت 5 آگست جو قدم واپس وٺي ته ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي ۽ حالتون معمول تي اچي سگهن ٿيون، بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ 2023ع جي اليڪشن به مخالف ڌر جي هٿ مان نڪري وئي، هڪ ٻئي ک?? ڪرپٽ چوندڙ گڏ ٿي ويا آهن، اساب جي بهادر هٿياربند فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي، پاڪ فوج ملڪي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، لک اختلافن جي باوجود ذوالفقار علي ڀٽو کي خوددار ليڊر سمجهان ٿو، ڀٽو مسلمان امت کي متحد ڪيو، اسلامي سربراهي ڪانفرنس گهرائي، 27 مارچ تي پورو پاڪستان اسلام آباد ۾ ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته سمورن تڪن مان اهي آواز ??چي رهيا آهن ته 27 مارچ تي اسان اسلام آباد جو رخ ڪري رهيا آهيون. وز??راعظم چيو ته نواز ??ريف 20 سال قوم کي ٻڌايو ته زرداري کان وڏو ڪرپٽ ڪير نه آهي، ان کي ٻه ڀيرا جيل ۾ وڌو، نواز ??ريف جي خلاف پئسا چور?? ڪري ٻاهر موڪلڻ ۽ اتان واپس آڻڻ تي حديبيه پيپر ملز جو ڪيس زرداري ٺاهيو، مولانا فضل الرحمان 30 سالن کان مذهب تي سياست ڪري رهيو آهي، ان جي پارٽي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي کي چور سمجهي ٿي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي کي چور سمجهن ٿيون. هن چيو ته عوام جي سوچ اها آهي ته جيڪڏهن انهن کي ملڪ کي بچائڻو آهي ته عمران خان جو ساٿ ڏيڻو آهي، اهو الله جو خاص ڪرم آهي جو اهي ٽئي چور گڏ ٿيا ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ڏينهن انهن بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي مون ٻه رڪعت شڪراني جا نفل ادا ڪيا، ساڍا ٽن سالن کان آئون حڪومت جي وڃڻ، نااهلي ۽ سليڪيٽيد جا لفظ ٻڌي ٻڌي تنگ اچي ويو هئس، هاڻي اهي ٽئي ڪپتان جي نشاني تي آهن. هن چيو ته اهي ماڻهو سمجهندا هئا ته اهڙي طرح عوام انهن جي چوري وساري ڇڏيندي پر اهي پاڪستاني قوم کي سڃاڻين نه ٿا، نواز ??ريف جنرل جيلاني جي ڪلهن تي سوار ٿي اقتدار ۾ آيو، هن ڪڏهن محنت ناهي ڪئي، فضل الرحمان 30 سالن کان مذهب تي سياست ڪري رهيو آهي، اسان هيٺئين سطح کان محنت ڪري مشڪلون ڏسي هتي پهتاسين، تحريڪ انصاف محنت ڪري هتي پهتي، اهي اسان جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن، اهي غلط فهمي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ اهي 2023ع جي اليڪشن مان به ويا. وز??راعظم اوورسيز پاڪستانين کي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته اهي جڏهن محنت ڪري پئسو ملڪ موڪلين ٿا ۽ هتان جا حڪمران پئسو چور?? ڪري لنڊن ۾ مهانگي ترين علائقن ۾ محل ٺاهي انهن ۾ رهن ٿا ته انهن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، انهن کي پاڪستان جي حوالي سان ڪا سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ نه ملندي هئي، اسان کي انهن جي ??هم??ت جو مڪمل احساس آهي، اسان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، انهن جي مٽاسٽا جي ناڻي ج?? ڪري ملڪ هلي رهيو آهي. وز??راعظم چيو ته بدعنوان سياستدان ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، هر ملڪ ۽ هر حڪمران کي خبر هوندي آهي ته ڪيترو چوري جو پئسو انهن وٽ آهي، روس – يوڪرين جنگ ج?? ڪري روسين جا سڄي دنيا ۾ آف شور اڪائونٽس، انهن جا اثاثا ۽ ملڪيتون ضبط ٿي رهيون آهن، اسان جي ٻن خاندانن جا چوري جا اربين ڊالر ٻاهر پيا آهن، اهي ڪڏهن ڪنڌ کڻي ٻاهر جي حڪمرانن سان ڳالهه نه ٿا ڪري سگهن ڇو ته چوري جو پئسو انهن کي غلام بڻائي ڇڏي ٿو، اوباما جي آڏو ويهي گهٻراهٽ سان ان کي مسز اوباما چئي ڇڏي ٿو، انهن کي خبر آهي ته ڪنهن وقت به انهن کي مني لانڊرنگ ۾ پڪڙي سگهجي ٿو، اهي 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائي ڇڏين ٿا. وز??راعظم چيو ته انهن ٻنهي جي دورن ۾ پاڪستان تي 400 ڊرون حملا ٿيا جنهن ۾ سوين بيگناهه ماريا ويا، ڊرون حملا ڪندڙ ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن کي قانون ٽوڙڻ نه ٿا ڏين. وز??راعظم چيو ته آئون آمريڪا، برطانيا، ڀارت سميت ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهيان پر ڪنهن ملڪ جي پاليسي جي خلاف ٿي سگهان ٿو، مون سدائين دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مخالفت ڪئي ڇو ته ان جنگ ۾ بيگناهه ماريا پئي ويا، مون عراق جنگ جي خلاف برطانيا ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي، برطانيا جو هڪ تمام وڏو طبقو ان جي خلاف هو، ڀارت ۾ هندوتوا نظريي جي پڙهيل لکيل ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته اهو تباهي جو رستو آهي، اتي ميڊيا ۽ ججز تي خوف طاري آهي، اسان دعا ڪريون ٿا ته ڀارت ۾ سٺي قيادت اچي، اها ڪشميرين کي حق ڏي، ڀارت جيڪڏهن 5 آگسٽ جو قدم واپس وٺي ته ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، حالتون معمول تي اچي سگهن ٿيون. وز??راعظم چيو ته بدعنوان ليڊر پئسي سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهن، اهي پئسي جي لالچ ۾ ملڪ وڪرو ڪري سگهن ٿا، نواز ??ريف جو ڊان ليڪس ۽ زرداري جو ميمو گيٽ اسڪينڊل پاڪ فوج جي خلاف هو، پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا جي طاقتور ترين فوجن مان آهي، جيڪڏهن اسان جي طاقتور فوج نه هجي ته ملڪ ٽڪڙا ٿي چڪو هجي ها، دنيا ۾ مسلمان ملڪن سان جيڪو ڪجهه ٿيو اسان سان به ٿئي ها جڏهن ته فوج ج?? ڪري پاڪستان بچيل آهي، اسان جي فوج ملڪ جو دفاع ڪندڙ فوج آهي، زرداري آمريڪا ۾ حسين حقاني کي سفير بڻايو جيڪو آمريڪي فوج جي سربراهه کي چوندو هو ته زرداري کي پاڪ فوج کان بچائي وٺو جڏهن ته نواز ??ريف ڀارت کي اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته فوج غلط ڪري رهي آهي، نواز ??ريف توهان سان گڏ آهي، پاڪ فوج کي دهشتگرد قرار ڏيندڙ مودي کي نواز ??ريف پنهنجي فيملي ۾ شادين تي گهرائي رهيو هو. وز??راعظم چيو ته انهن ڪرپٽ سياستدانن ج?? ڪرپشن تي دنيا جي وڏين اخبارن ۾ ڪرپشن تي مضمون لکيا ويا. وز??راعظم چيو ته هو ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪيترائي اختلاف رکڻ جي باوجود اهو اعتراف ڪري ٿو ته هو هڪ خوددار ليڊر هو، هو پاڪستان جي غيرت لاءِ اٿي بيٺو، هن مسلمان امت کي متحد ڪيو، او آءِ سي سربراهه اجلاس گهرايو. وز??راعظم چيو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغان جهاد ۾ اسان آمريڪا جا اتحادي هئاسين پر ان جنگ کانپوءِ اسان تي پابنديون هنيون ويون، نائن اليون کانپوءِ جڏهن اسان جي ضرورت پئي ته ٻيهر چيو ويو ته هن ڀيري پاڪستان سان زيادتي نه ڪنداسين، ان جنگ ۾ 80 هزار پاڪستاني مارجي ويا، اسان جي معيشت تباهه ٿي، 35 لک ماڻهن فاٽا مان لڏپلاڻ ڪئي پر ڪنهن اسان جو شڪريو به ادا نه ڪيو، غلطي اسان جي هئي، جيڪڏهن اسان استعمال ٿيڻ چاهيون ته دنيا استعمال ڪندي ۽ جيڪڏهن نه استعمال ٿيڻ چاهيون ته ڪير استعمال نه ٿو ڪري سگهي. وز??راعظم چيو ته اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، انهن کي سدائين اثاثو سمجهيو، جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلين ٿا ۽ انهن جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ هلي ٿو ته انهن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو به حق هجڻ گهرجي. وز??راعظم چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، انڊسٽري ۾ جوائنٽ وينچر ڪن ته انهن کي 5 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ملندي، اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وز??راعظم چيو ته هو چئلينج ڪري ٿو ته گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ مشڪل حالتن جي باوجود ڪارڪردگي جي پاڪستان جي تاريخ جي ڪنهن به حڪومت سان ڀيٽ ڪري وٺو جيترو ڪم اسان ڪيو ايترو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو. وز??راعظم چيو ته ملڪ ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين روانگي واپار نه ٿو وڌي، اسان جي دور ۾ روانگي واپار سڀ کان وڌيڪ رهيو، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙيون گڏ ٿيون ۽ ان کي 8 هزار ارب رپين تائين کڻي وينداسين، واڌويجهه جي شرح 5.6 سيڪڙو رهي، اسان وٽ پئسا هجن ته ان کي عوام تي خرچ ڪنداسين، اسان آبادگارن کي 1100 ارب رپيا اضافي ڏنا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻن سالن ۾ 75 سيڪڙو ترقي ٿي، تعميرات جي شعبي ۾ 1500 ارب رپيا اضافي لڳا. وز??راعظم چيو ته سموري مخالف ڌر کي چئلينج آهي ته اها ڪنهن به شيءَ ۾ اسان جي دور سان مقابلو ڪري اسان انهن کان اڳتي آهيون، ڪورونا وبا ۽ دنيا ۾ مهانگائي جي لهر جي باوجود پيپلزپارٽي جي دور ۾ مهانگائي اسان کان وڌيڪ هئي. وز??راعظم چيو ته اسان هيٺئين طبقي کي مٿي آڻيندڙ قدم کنيا، صحت ڪارڊ سان هر خاندان کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت ڏني، ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪيو، اسان 50 سالن کانپوءِ ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، 2025ع ۾ مهمند، 2026ع ۾ داسو ۽ 2028ع ۾ ڀاشا ڊيم مڪمل ٿي رهيا آهن. وز??راعظم چيو ته ميڊيا، ڪالم نگار ۽ سياسي پارٽيون اسان سان اسان جي دور تي بحث ڪن، اسان قوم?? ڪردارسازي ڪئي، رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي، ٻارن کي سيرت النبي ﷺ پڙهائي، اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ آواز ??ٿاريو، اهو ئي سبب آهي جو ڪئناڊا ۽ روس جي وز??راعظم چيو ته نب?? ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار راءِ جي آزادي نه آهي. وز??راعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان ج?? ڪري اسلامو فوبيا تي بحث ٿيو ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد پاس ٿي رهي آهي، ان معاملي تي ڪير ڳالهه نه ڪندو هو جڏهن ته اسان دنيا آڏو اهو معاملو اٿاريو. وز??راعظم چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي بهتري ۽ آسانين جي لاءِ حڪومت پوري ڪوشش ڪندي. ان موقعي تي وز??راعظم جي سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي جڏهن ته وز??راعظم اوورسيز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.