اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو آهي ته مسلمان امت کي ??رپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ما??هن کي ??ودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي ??طاب ڪندي هن فلسطيني عوام جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين جي زمينن تي قبضن، گهرن جي مسماري، نسل?? امتياز ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي ??وڪڻ جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي ??گهه ڏيون ۽ القدس شريف جي ت??ريخي ۽ قانوني حيثيت کي ??بديل ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن تحت والاريل علائقي جي خصوصي حيثيت کي ??تم ڪرڻ کي ??المي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ تي زور ڏنو. افغانستان جي ح??ال?? سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي جي مقصدن کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته او آءِ سي يمن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي يقين رکي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ??اراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي ??سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.