اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معا??لن بابت معاون پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معا??لن بابت معاون پرڏيهي و??ير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي معاون پرڏيهي و??ير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود قطر جي معاون پرڏيهي و??ير کي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي و??قعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.