لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينه?? جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي 193 پي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز ال??هي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل اعتماد جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻه?? جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي. هن چيو ته وڏي وزير عثمان بوزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثابت ڪندو ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، منهنجي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آهي. هن چيو ته پنج 6 مهينن کان ٻاهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو ??صو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان گڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي ??هي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته چوڌري پرويز ال??هي کي پورو يقين ڏياريان ٿو ته پارٽي توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چوڌري پرويز ال??هي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو ??علان ڪيو، چوڌري پرويز ال??هي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وقت ثابت ڪندو ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز ??ٽڪ?? شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.