اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏ?? و??ير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ حفيظ الرحمان وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ الرحمان د??ام?? ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ت?? و??يراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان ج?? حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظراند??ز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.