جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان وزيرا??ظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيرا??ظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيرا??ظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عه?? سعودي وفد سان وزيرا??ظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيرا??ظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .