اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ و??ير??عظم کي سنڌ جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم کي ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ۾ رونما ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي به بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي و??ير??عظم چيو ته شرپسند عنصرن کي ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڀرپور تعاون سان ڪم ڪنديون.