اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته موسمي??تي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي، زمين کي بچائڻ لاءِ زرخيز مٽيءَ جي حفاظت يقيني بڻائڻ، عالمي سطح تي تبديلي آڻڻ جي لاءِ حصيداري کي ??روغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري بيان ?? صدر چيو ته پاڪستان موسمي??تي تبديلين جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمي??تي تبديلين سان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام کي سخت چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان تيزي سان پگھڙجندڙ گليشيئرز، غيرمتوقع برساتن ۽ سوڪهڙي کان متاثر ٿيو آ??ي، نوجوانن کي ??احولي??تي تبديلي جي چئلينج کي ??نهن ڏيڻ بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، مون کي ??خر آهي ته ايوان صدر آءِ ايس او کان تصديق ٿيل دنيا جي ماحول دوست صدارتي آفيسن ۾ پهرين پوزيشن تي آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي سان نه رڳو پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي ??ورو ڪري ٿو پر قومي گرڊ ۾ به بجلي ڏي ٿو. هن چيو ته سمورن ادارن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي گرين پريزيڊنسي منصوبي مان سکن، توانائي جي بچت ڪن ته جيئن موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهجي.