اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگز??ب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ صو??ي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪو?? ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگز??ب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم ??ي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ?? چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.