اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻو?? سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار ر??يا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻو?? صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن ??و ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار ر??يا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثرين کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثرين کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ??لڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻو?? صورتحال کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.