اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏيڻ ج?? لاءِ مهانگي درآمدي تيل بدران سج جي روشني سان بجلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. وز??را??ظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ج?? لاءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سان پاڪستان اربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سان پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. وز??را??ظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آهي. گرمين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم ايندڙ هفتي سڀن?? لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪ??ائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.