اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو. هن برطانوي هاءِ ڪميشن ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي عوام پاران شاهي خاندان ۽ برطانيا جي ماڻهن سان ڏکويل دل سان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، ان جو لاڏاڻو 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي ??ي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه برطانيا برطانوي عوام ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، ملڪه برطانيا جي زندگي عوامي ??دمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار سان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي ح??ثيت سان ان جي پاڪستان جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ايلزبيٿ ٻه شائستگي، توازن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ٻولهه ڪند?? چيو ته ??نج??اني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عورت هئي، ??نج??اني ملڪه جي خيراتي ادارن جي سرپرستي، دنيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون غيرمعمولي هيون. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته ??نج??اني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ايلزبيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.