اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تو??نائي جي ??قامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو ??سا?? جي تو??نائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، ??سا?? درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي ??هچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي وا??ي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي ??دايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي ??جموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ??ين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وا??و وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، تو??نائي وا??ي وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وا??ي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي تو??نائي وا??ي وزير امتياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.