اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل ڏيڍ سال بهانا بڻائي ڪيس کي دير جو شڪار ڪيو، اسان پنهنجي ڪيس کي بيان ڪرڻ جو ڪيس (ميننگ هيئرنگ) کٽي چڪا آهيون، انهن درخواستن تي ڪيس جي لاڳت ادا ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي شهباز شريف تي هنيل الزامن جي ٻڌڻي جي لاءِ جج ايندڙ مهيني 13 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، انهن الزامن تي تفصيلي جوا?? 13 ??سمبر 2022ع تائين جمع ڪرائڻو آهي. شهباز شريف پاران ڪي?? ۾ ??ختصر جواب اڳ ۾ ئي جمع ڪرايو ويو آهي. هتڪ عزت جي ڪيس جو ٽرائل ڊسمبر 2023ع ۾ ٿيندو. ڊيلي ميل عدالت ۾ پنهنجي الزامن ??ي اڃا تائين ثابت ناهي ڪري سگهيو، هاڻي ان کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.