اسلام آ??اد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت شهيد نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گهر ڀات??ن سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي ب??جوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر مملڪت شهيدن جي والد??ن سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِساري نه سگهبيون، قوم وطن جي بهادر پُٽن کي خراجِ عقيد?? پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي ب??قيات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.