اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس ان??ار??يشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان ان??ار??يشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي ??حا??ين جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان وڌيڪ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل نون ۽ مڊ ڪيريئر ??حا????ن کي ??حا??ت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان ان??ار??يشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي ??حا????ن کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان ان??ار??يشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ ??حا????ن کي تربيت ڏني وئي. ??حا??تي حلقن ??اص طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين ??حا??ت تنظيمن پاران پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ان قدم کي خوب ساراهيو ويو. انهن تربيتي ورڪشاپس جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن ??اص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن ??ائين ڦهلايو پيو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ رهندڙ ??حا????ن کي به تربيتي ورڪشاپس مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان ان??ار??يشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انويسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ نيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ميڪنگ جهڙن اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. انهن تربيتي ورڪشاپس ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا معاملن سان لاڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان فائدو کنيو پيو وڃي ۽ انهن کي بطور ٽرينر انهن ورڪشاپس ۾ گهرايو پيو وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ان??ار??يشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.