ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپ??ش آهن جن کي حل ڪر?? جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏي??و پوندو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏي?? جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خط??ب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قد??تي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مقصدن ۽ قد??تي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ۾ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏي?? هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ قد??تي ماحول جي تحفظ ۽ فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪر?? جي ذريعي قد??تي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.