لاهور – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته چونڊن جي التوا جو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اها آئيني ضرورت آهي ۽ يقين آهي ته پاڪستان جي عوام، لاڳاپيل ادارا ۽ منظم سياسي پارٽيون آئين ۾ مقرر ڪيل مدي جي اندر چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اعليٰ ۽ مقدس آهي ۽ ان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، آئين موجب کيس هر طرح سان غيرجانبدار صدر رهڻ?? آهي ۽ هو طرزعمل سان لاڳاپيل سمورن معاملن ۾ سدائين آئين جي روح جي پيروي ڪندو. صدر چيو ته نگران حڪومت جي روح ان جي غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ آهي ته ??مورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺ?? جي لاءِ برابر جو ميدان فراهم ڪري چونڊون شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي طريقي سان ڪرايون وڃن، نگران حڪومتن جي قيام ۾ انهي جذبي جي عڪاسي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ??ها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ??نڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪيترن ئي نتيجن ۾ دير ٿي ۽ هن ٽيڪنالاجي خاص طور تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي زور ڏنو ته ??يئن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر وڌيڪ چيو ته هن سياسي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي بار بار چي?? آهي ته ??ياسي ۽ معاشي درجه حرارت کي گهٽ ڪر?? جي سخت ضرورت آهي جيڪا انهي وقت ممڪن آهي جڏهن سموريون ڌريون ۽ لاڳاپيل ادارا قوم کي درپيش سياسي پولرائيزيشن، معيشت ۽ مهانگائي جهڙن اهم مسئلن تي متفق ٿين. صدر چيو ته ??المي اقتصادي صورتحال ۽ اسان جي پنهنجي ڪمزورين جي نتيجي ۾ سنگين معاشي صورتحال ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿي?? آهي ۽ آءِ ايم ايف پاران لاڳو ڪيل شرطون ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي سگهن ٿيون، ان ڏس ۾ عوام کي تيار ڪر?? جي لاءِ هڪ مڪمل مينڊيٽ رکندڙ حڪومت جي ضرورت آهي. هن چيو ته مشڪلاتن جي باوجود کيس يقين آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ معيشت ٻيهر مضبوط ٿيندي. صدر چيو ته موجوده وزيراعظم سان پنهنجي پهرين ملاقات دوران هن کيس عوامي مفاد ۾ قدم کڻڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن ۾ بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بچت شامل آهي. صدر چيو ته ??يوان صدر مڪمل طور تي ماحول دوست توانائي تي منتقل ڪي?? آهي، ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پلانٽ جي ذريعي پنهنجي سموري توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، ان کانسواءِ وڌيڪ توانائي قومي گرڊ کي سپلائي پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ايوان صدر کي عالمي سطح تي هڪ ماحول دوست صدارتي آفيس طور تسليم ڪيو وي?? آهي ۽ اها دنيا جي پهرين گرين پريزيڊينسي آهي. صدر چيو ته پنجاب جي گورنر سان ڳالهه ٻولهه دوران هن کيس ٻڌايو ته ??وبي ۾ چونڊون منعقد ڪر?? جي حوالي س??ن آئين جي حدن کان ٻاهر ڪو قدم نه کنيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ??سٽيبلشمينٽ پاران سياست کان جدا ره?? جي ارادي جو اظهار ڪيو وي?? آهي ۽ انهي لاءِ هن سياستدانن تي زور ڏن?? آهي ته ??هي ان موقعي مان فائدو کڻن، ذميواريون سنڀالين ۽ جمهوري طريقي سان عوام کي درپيش مسئلا حل ڪن. هن چيو ته ??اريخ بار بار ثابت ڪي?? آهي ته ”مائنس ون“ جو فارمولو ڪڏهن به ڪم ناهي آيو ۽ جيڪي عنصر ان تي ڳالهه ڪري رهيا آهن يا ان تي عمل پيرا آهن اهي ملڪ جي ڪا خدمت نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??ها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ??ياستدانن کي توهين جي الزام ۾ هٿڪڙيون هڻي انهن جا چ??را لڪائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي ڇو ته ??هڙي طرح جو سلوڪ خطرناڪ دهشتگرد يا ڏوهاري سان ڪيو وڃي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هنچيو ته ڪنهن به م قبول اڳواڻ کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي، سمورين ڌرين کي اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پيدا ٿيڻ جو خدشو هجي، ان سان عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ بدحالي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته ??رشد شريف جي قتل جو معاملو اڃا تائين حل طلب ڳجهارت آهي. هن چيو ته ڪو صحافي يا شهري ان سلوڪ جو مستحق نه آهي جيڪو انهن کي فراهم ڪيل قانوني ۽ آئيني حقن جي ابتڙ هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پي ٽي آءِ سان وابستگي دوران هن ٻاهرئين ملڪ مان عطين جي منتقلي جي لاءِ هڪ لميٽيڊ لائبليٽي ڪمپني ٺاهڻ جو مشورو ڏنو هو جيڪو رقم جي قانوني منتقلي جو واحد رستو هو. هن چيو ته ??هو بلڪل قانوني ۽ عالمي قانونن جي دائري ۾ آهي ۽ اهڙي طرح جي سمورن عطين کي شفاف ۽ قانوني طريقي سان ورتو وڃي ٿو.