اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ??ا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين صوبو آهي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئ?? وئي. هن چيو ته قائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي ??ڇل??ئينداسين. اطلاعات واري وفاقي وز??ر شهيدن ??ي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئ??. اطلاعات واري وفاقي وز??ر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئ??.