اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??ا??ين جي سلامتي جي لاءِ پ??ڪس??ان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پ??ڪس??ا??ين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 ????ڪس??ا??ين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ سوڊان پهچي وي?? آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پ??ڪس??ا??ين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي وي?? آهي. هن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم سوڊان ۾ موجود پ??ڪس??ا??ين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ا??ين جي انخلا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خطي جي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي ۾ اسان جي مشنز جي محنت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪوآرڊينيشن جي عمل جي قيادت ڪري رهيو آهي.