اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) آز??د ڄمون ?? ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آز??د ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ آز??د ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري هائوس اچڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپلزپارٽي آز??د ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري ر??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??ن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.