اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ار?? 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ا??ب رپيا ??را??م ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ار?? رپيا ??را??م ڪيا. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ار?? 50 ڪروڙ رپين جي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ار?? رپين جي ??را??مي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ار?? رپيا ??را??م ڪيا ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ار?? 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا هائيڊرو پاور جي گنجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ار?? 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ار?? 60 ڪروڙ رپين جي رقم ??را??م ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي ??را??مي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ??يندو.