اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي ??ن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، واپار وارو وفاقي وزي?? سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ خاص ??عا??ن طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. آذربائيجان ۾ وزيراعظ?? جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.