لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي س??ڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي م??هن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي س??يت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ حاضر آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر م??ڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀا??ين??اسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي س??ڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري ??هيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.