سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر امتياز علي ابڙو شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇان جي ساحلي علائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ??اڻ??ن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپ?? ڏانه?? منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول I، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول، مورو مرڪز سجاول، گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جاتي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي، سيف اسڪول جاتي ٽائون، مين پرائمري اسڪول جاتي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جاتي ۾ رليف ڪيمپو?? قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ??اڻ??ن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ??اڻ??ن کي ساحلي علائقن مان ڪڍ?? مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ??اڻ??ن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ??اڻ??و خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پارا?? قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.