اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي ??ون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي ??ي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران و??ير??عظم کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي ??ي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران و??ير??عظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران و??ير??عظم معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران و??ير??عظم سم??جي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪميونٽي ??ي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران و??ير??عظم کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي ??ي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران و??ير??عظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي ??ون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران و??ير??عظم کي بوهره ڪميونٽي ??ي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران و??ير??عظم ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪميونٽي ??ان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.