بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي) چين مصنوعي ذهانت اي آءِ پلس لانچ ڪندو. رائيٽرز چين جي سرڪاري ڪام رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته چين مصنوعي ذهانت اي آءِ پلس شروع ڪرڻ لاءِ قدمن کي تيز ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب چين اُڀرندڙ صنعتن بشمول ڪوانٽ?? ڪمپيوٽنگ لاءِ ترقياتي منصوبو جوڙيندو ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪوشش جاري رکندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ت?? اها وڏي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت ۾ به ڪوششون تيز ڪندو ۽ وڏي اسٽريٽجڪ ۽ صنعتي ترقيءَ جي هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ سائ??س ۽ ٽيڪنالاجي پروگرام شروع ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿو.