اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته ڀارت انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تڪراري شهريت بل آڻي انساني حقن جي قانونن جون سرع??م ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، اهو قدم ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن تي فاشست مودي جي ڪاري ضرب ۽ م??لم??ن دشمني جو چٽو ثبوت آهي، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مودي سرڪار طرفان ڀارت کي انتهاپسند هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل گانڌي جي نظريي کي دفن ۽ قائداعظم جي ٻه قومي نظريي جي سچائي تي مهر ثابت ڪرڻ آهي