اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهي??ي تائين ڪورونا ڪيسن جو ان?? 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي آ??ر تائين ڪورونا وائرس ڪيسن جو ان?? 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جو?? جي وچ تائين ڪورونا ڪيسن جو ان?? ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جو?? جي آ??ر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آ??ر تائين ڪورونا ڪيسن جو ان?? 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدم?? جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙ?? جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻه?? جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.