اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه آچر ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 640 مريضن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ هڪ مريض اسپتال ۾ فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 34 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 502، پنجاب ۾ 12 هزار 23، خيبرپختون??وا??ه ۾ 2 هزار 640، اسلام آباد ۾ 3 هزار 210، بل??چس??ان ۾ هڪ هزار 320، گلگت ??لتستان ۾ 382، آز??د ڪشمير ۾ 467 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 2 لک 92 هزار 303 ٿي چڪو آهي. آز??د ڪشمير ۽ بل??چس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 106 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 6 هزار 952 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 5 هزار 671 آهي جن مان آز??د ڪشمير ۾ 2 هزار 517، بل??چس??ان ۾ 14 هزار 269، گلگت ??لتستان ۾ 3 هزار 450، اسلام آباد ۾ 16 هزار 124، خيبرپختون??وا??ه ۾ 37 هزار 317، پنجاب ۾ 98 هزار 368 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 33 هزار 626 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 6 هزار 416 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 459، پنجاب ۾ 2 هزار 226 فوتگيون، خيبرپختون??وا??ه ۾ هڪ هزار 258، اسلا آباد ۾ ڪل 180 فوتگيون، بل??چس??ان ۾ 145، گلگت ??لتستان ۾ 81 فوتگيون ٿيون، آز??د ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 67 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 31 لک 60 هزار 924 ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 735 اسپتالن ۾ 837 مريض علاج هيٺ آهن.