اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ج?? ا??تصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلا?? ٿيو. فنانس ڊويزن پاران جاري بيان موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران پاڪستان اسٽيل ملز جي حوالي سان سمري اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي جنهن جو مقصد حڪومتي ??رچن ۾ گهٽتائي آه?? ا?? حوالي سان سپريم ڪورٽ ?? به رپورٽ پيش ڪئي ويندي. اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ جي روشني ۾ ري ٽرينچ منٽ پلان تحت 19656.213 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.