اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي بري ڪري ڇڏيو آهي نجي ٽي وي چئنل موجب دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت وزيراعظم عمران خان جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج راجا جواد عباس وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، سرڪاري وڪيل پاران به وزيراعظم عمران خان جي درخواست جي حمايت ڪئي وئي هئي، وزيراعظم جي وڪيل بريت جي درخواست تي لکت ۾ دليل جمع ڪرائي موقف اختيار ڪي?? هو ته عمران خان کي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ ڦاسايو ??يو?? ان جي خلاف ڪو به ثبوت نه آهي، نه ئي ڪنهن گواه ان جي خلاف بيان ڏنو آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ اهو هڪ سياسي ڪيس آهي جنهن ۾ سزا جو ڪو به امڪان نه آ??ي ان لا??ِ وزيراعظم عمران خان کي بري ڪي?? وڃي، وزيراعظم ۽ ٻين جي خلاف 2014ع جي ڌرڻي دوران ڪيس داخل ڪي?? ويو هو.