اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد چي?? آهي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پشاور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪي?? آهي. اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگه??. ا??ان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وزيراعظم عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر ت?? اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏهاڙيدار ط??قي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.