اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پا??ستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت ??يس??ٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت ??يس??ٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت ??يس??ٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاون کي فروغ ??يڻ جو درس ڏي ٿو