اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلا?? ۾ ??نعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽ?? فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم ک?? بريفنگ ڏ??ي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسوا??ِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ک?? ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.