اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 70 هين سالگرهه جي ??وقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي ??ٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي ??نهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران ??ڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي ??الي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان ??اڪستان ۽ چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃ?? ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان ??ر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان ??ائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان ??يمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.