اسلا?? آباد – پهرين جون (اي پي پي) تاجڪست??ن جو صدر امام علي رحمانوف، وزيراعظم عمران خ??ن جي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اڄ اربع تي ٻن ڏ??نه?? جي دوري تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان ۽ تاجڪست??ن جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد تي ويجها ڀائراڻي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش تي آهن، وچ ايشيا سان ويجهي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ اضافي لاءِ پاڪست??ن جي ويزن جي ڏس ۾ تاجڪستان اهيمت رکندڙ آهي.