اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچ??پي جي معاملن تي غور ويچار ڪ??و. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سه??ار تنظيم جي صدر طور تاجڪستان بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند آهي. شاه محمود قريشي تاجڪ هم منصب کي پ??ڪستان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانستان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو ??قص?? افغانستان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل ??قص?? حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي جوڙڻ آهي. تاجڪستان جي پ??ڏيهي وزير علائقائي سطح تي افغانستان جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه محمود قريشي جي تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن گڏيل دلچ??پي جي معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.