اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي ??ٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيهي وزير ايم ڪ??و ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪ??و ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدو?? شاهه محمود قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي ??يت??ي مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪ??و ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي ??يپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به رد ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسيمبلي جي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدو?? شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.