اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپني?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپني?? کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگا??ور ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ??ي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي شعبن ۾ ڪم ??رڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهي. ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل اختيار ??رڻ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادار?? کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي استعمال ??رڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي ??ي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪار?? کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ??رڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ??رڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.