اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون سدائين پنهنجي ٽيم کي چيو ته ”گهٻرايو نه“، اڄ مخالف ڌر کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“، پاڪستاني نوجوانن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي ان مان فائدو کڻندي نوجوان ۽ ملڪ خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهن ٿا، حڪومت اي – واپار ??ي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي، رجسٽرڊ فري لانسرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪر?? ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اي – واپار پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي خاص معاون عون عباس بپي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته منهنجي باري ۾ هتي ڳالهه ڪئي وئي ته مون سڀ کان وڌيڪ جملو ڪهڙو ڳالهايو آهي ته آئون پاڻ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه چئي اها اها آهي ته ”گهٻرايو نه“، اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون ۽ ملڪ ڏيوالپڻو ٿي چڪو هو، مون کي ٽيم جو فڪر هو ته اها گهٻرائجي ويندي، ان لاءِ مون انهن کي تلقين ڪئي ته ”گهٻرايو نه“، جڏهن سڀ کان مشڪل ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي خلاف اسان کيڏندا هئاسين تڏهن به آئون پنهنجي ٽيم کي اهو ئي چوندو هئس ۽ اڄ آئون اپوزيشن کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“. وزيراعظم بهترين پريزنٽيشن تي عون عباس بپي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هن بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ ان ۾ جذبو ۽ جنون آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ وڏا موقعا آهن ۽ ان شعبي ۾ انهن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلاب اچي ويو آهي، نوجوانن کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام ٿورا قدم کڻي روانگي واپار ۾ اسان 2 ارب کان پوڻا 4 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ٽي جو روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي ۽ مراعتن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪندي، اسان رجسٽرڊ فري لانسرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪر?? ڇڏيو آهي، مون بل گيٽس کي پاڪس??ان جي دوري دعوت ڏني، هو اهڙو انسان آهي جنهن وڌيڪ پئسو ڪمائڻ بدران پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪس??ان جي مدد ڪئي ۽ ان لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو، گذريل هڪ سال ۾ پاڪس??ان ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، بل گيٽس کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به سندس خدمتن مان فائدو کنيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ڏيندس. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن ٿا پر سسٽم انهن کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏي، جيترو ٽيلينٽ پاڪس??ان ۾ آهي دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي، سسٽم نه هجڻ جي باوجود نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا، حڪومت ملڪ ۾ ٽن قسمن جي تعليمي نظام جو خاتمو ڪر?? ڇڏيو آهي ۽ پرائمري تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪر?? ڇڏيو آهي ڇو ته اسان جو تعليمي نظام عام ماڻهو کي مٿي اچڻ نه ٿو ڏي، امير ۽ غريب جي لاءِ جدا جدا نظام جو خاتمو ٿي ويو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪم ڪر?? رهي آهي، نوجوانن کي مختلف قسم ??ا ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، نوجوان خاص طور تي عورتون آءِ ٽي جي ڪر?? گهر ويٺي ڪاروبار ڪر?? رهيون آهن، اسان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي نه رڳو انهن کي روزگار فراهم ڪر?? سگهجي ٿو پر معيشت کي به ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم اي – واپار ??ي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ۽ اي – واپار پورٽل جو افتتاح ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڳ ۾ بئنڪون ڏينهن ۾ ٽرانزيڪشن ڪنديون هيون پر هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿي رهيو آهي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي سڄي دنيا ج?? پاڪستاني فائدو کڻي رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ملي رهيو آهي، حڪومت اي – ڪامرس جي لاءِ تمام گهٽ عرصي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ گذريل سال 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن سال 75 سيڪڙو تائين اضافي جي اميد آهي، اسان ان شعبي ۾ هر سال 100 سيڪڙو اضافو چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم جي خاص معاون عون عباس بپي تقريب کي خطاب کي خطاب ڪندي چيو ته انٽرنيٽ ذريعي شين جي خريد ۽ وڪرو اي ڪامرس آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، 30 کرب ڊالر جي اي – ڪامرس ٿي رهي آهي، پاڪس??ان ۾ اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو اي – ڪامرس جي ٽريڊ کي رجسٽرڊ ڪيو، پاڪس??ان ۾ 10 لک ايڪٽو فري لانسرز اي – ڪامرس جي شعبي ۾ ڪم ڪر?? رهيا آهن، حڪومت ان شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت اي – ڪامرس جي شعبي ۾ جدت اچي رهي آهي، ان جي ذريعي روانگي واپار کي آسان بڻايو ويو آهي، حڪومت سچي ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي نيٽ ورڪ وڌايو آهي، نئين تيز ترين فائبر آپٽيڪل وڇائي وئي آهي جنهن سان انٽرنيٽ يوزرز ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اي – ڪامرس جي شعبي سان 36 سيڪڙو عورتون واڳيل آهن جڏهن ته 30 سيڪڙو بطور ليبر ڪم ڪر?? رهي آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر تائين اضافي جي اميد آهي، اي – ڪامرس جي لاءِ نوجوانن کي تربيت ڏني پئي وڃي، پاڪس??ان فري لانسرز جي انگ جي لحاظ کان چوٿين وڏي مارڪيٽ آهي، 50 هزار ??يس ايم ايز کي ڊيجيٽل شاپس جي تربيت ڏني ويندي.