اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جي لاءِ منصوبابندي ڪري ورتي آهي، ملڪ جي خلاف ٻاهرئين سازش بي نقاب ٿي چڪي آهي، ان سازش جي خلاف قوم کي اڄ پرامن احتجاج ڪرڻو آهي، پاڪستان مضبوط فوج جي ڪري محفوظ آهي، فوج سان منهنجو ڪو اختلاف نه آهي، منحرف ميمبر غيرملڪي سازش جو حصو نه بڻجندا ۽ نه ئي اهي غدارن کي ووٽ ڏيندا، هن ملڪ کي گڏ رکندڙ قوتون پاڪ فوج ۽ تحريڪ انصاف آهن، پاڪ فوج اسان جو فخر ۽ تحريڪ انصاف چئني صوبن جي پارٽي آهي، بي اعتمادي رٿ جي سازش اين آر او جي لاءِ آهي، اهڙي پرڏيهي پاليسي جي حق ۾ آهيان جيڪا پاڪستان جي عوام جي مفادن جي عڪاس هجي، مسلم ليگ (ن) کي ڪرپٽ شريف خاندان کانسواءِ ڪو ليڊر نه ٿو ملي، فوج جي غيرجانبدار رهڻ جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي، هي پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي، هن موڙ تي ٻه رستا آهن، هڪ تباهي جو رستو آهي ۽ ٻيو ??شڪلاتن ۽ آزمائش سان ڀرپور عظمت جو رستو آهي، اسان کي اهو رستو اختيار ڪرڻو آهي. هن چيو ته ??لله نبي ﷺ جي رستي تي هلڻ جي ڳالهه ڪئي، اهو انقلاب هو جيڪو مديني جي رياست جي صورت ۾ سامهون آيو، جتي دنيا جي امامت 10 سالن ۾ اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ آئي جن جي ڪا حيثيت نه هئي، اهو سڀ فڪري انقلاب جي ڪري ممڪن ٿيو. هن چيو ته ??ڄ پاڪستان جي سياست ان نهج ??ي پهچي چڪي آهي ته ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي، اهو نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، سٺائي ۽ برائي جي وچ ۾ نيوٽرل هجڻ برائي جو ساٿ ڏيڻ جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته ??ي اعتمادي جي صورت ۾ ملڪ جي خلاف سازش ثابت ٿي وئي، ملڪ جي حڪومت کي ٻاهرئين سازش سان هتان جي مير جعفرن ۽ مير صادقن سان گڏجي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، اهڙي صورت ۾ نوجوانن کي فيصلو ڪرڻو آهي، آئون چاهيان ٿو ته ??وهان سڀ ان سازش جي خلاف پنهنجي مستقبل جي لاءِ احتجاج ڪريو، هي احتجاج منهنجي لاءِ نه پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ڪريو. هن چيو ته ??ئين ته ٻاهر جو ڪو به ملڪ 10 کان 15 ارب رپيا لڳائي ٻڪرا خريد ڪري ائٽمي پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪري سگهي ٿو. هن نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته هي توهان جو ملڪ آهي، توهان کي ان جي لاءِ وڙهڻو پوندو، عراق تي ڪوڙا الزام لڳائي حملو ڪيو ??يو ته ??رطانيا ۾ 20 لک ماڻهن پرامن احتجاج ڪيو، آئون به ان ۾ شامل هئس، انهن کي ڪنهن پارٽي نه ڪڍيو. هن چيو ته ??مر بالمعروف الله جو حڪم آهي، نوجوان پرامن احتجاج ڪن، ملڪ جي ملڪيتن کي نقصان نه پهچائين، ان سان غدارن ۾ خوف پيدا ٿئي ٿو، ضمير فروش ۾ ڊپ پيدا ٿئي ٿو، هن خطي ۾ مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن غدارن جو ڪردار ڪڏهن تاريخ ناهي وساريو، موجوده انهن غدارن کي به قوم کي وسارڻ ناهي ڏيڻو، بي اعتمادي رٿ ۾ ٻاهرئين هٿ هجڻ جو قومي سلامتي ڪميٽي، ڪابينا دستاويزي ثبوت ڏٺو جنهن ۾ چيو ??يو ته ??مران خان جي خلاف بي اعتمادي جي قرارداد ڪامياب ٿي وئي ته ??وهان سان آمريڪا جا لاڳاپا ٺيڪ ٿي ويندا انهن کي خبر آهي ته ??يڪو نئون ايندو اهو اسان جي غلامي ڪندو، شهباز شريف تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، ان وزارت عظميٰ جي لاءِ اچڪن سبرائي رکي آهي. هن چيو ته 30 سالن تائين هتي حڪمراني ڪندڙن ملڪ کي ان اسٽيج تائين پهچايو آهي، جنهن قوم ۾ خودداري، غيرت نه آهي اها ترقي نه ٿي ڪري سگهي، نوجوانن کي اٿي بيهڻو پوندو، هن ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ نه آهي، انهن چورن ان کي ان مقام ??ي پهچايو آهي. هن چيو ته ??ڏهن چوري ڪري پئسو ٻاهر موڪليندڙ حڪمران هجن ته ??هي ڪنهن ملڪ جي خلاف ڳالهه نه ٿا ڪري سگهن، آزاد خوددار پاڪستان جي لاءِ سڀ پرامن احتجاج ڪن. لاهور مان عائشه خان جي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??ئون سدائين آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ ڪپتان آهيان، آئون انهن جو مقابلو ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته قوم پرامن احتجاج ڪري، پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ نڪري، هي پنهنجا ڪرپشن جا ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ??يرملڪي سازش ۾ شريڪ مخالف ڌر اڳواڻن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي لاءِ وڪيلن سان مشاورت ڪئي آهي، ان جو رات تائين فيصلو ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته هن ملڪ کي گڏ رکندڙ قوتن ۾ پاڪ فوج آهي جيڪا اسان جي لاءِ فخر جوڳي آهي، ٻي تحريڪ انصاف آهي جيڪا قومي پارٽي آهي، باقي پارٽيون سڪڙجي ويون آهن، هڪ وقت هو جڏهن بينظير چئني صوبن جي زنجير ۽ پيپلزپارٽي وفاق جي علامت هئي جڏهن ته ??يبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ اهي ٻئي پارٽيون منظر تان ئي غائب ٿي ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي جي 2008ع کان 2013ع جي دور ۾ اسان جي موجوده دور کان وڌيڪ مهانگائي هئي، اڄ عالمي سطح تي مهانگائي آهي، اسان تيل جون قيمتون گهٽ ڪيون، روانگي واپار تاريخي آهي، ٽيڪس اوڳاڙيون وڌيون، عوام کي اسان تي اعتماد آهي، اسان بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي، 250 ارب رپين جي اضافي ٽيڪس جي رقم عوام تي لڳائي، مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ رهيو، جيڪو اسان جي حڪومت تي اعتماد آهي. راڻا عاطف جي سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مديني جي رياست ماڊل هئي، اڄ جيڪو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي اهو انهن اصولن تي هلي رهيو آهي جڏهن ته ??سان پنهنجي رستي تان هٽي وياسين. وزيراعظم چيو ته ??نصاف، انسانيت ۽ خودداري تي مديني جي رياست جو بنياد رکيو ??يو ??و، اهي ڪنهن کان خوفزده نه هئا، اهي الله کانسواءِ ڪنهن جي اڳيان نه جهُڪندا هئا. وزيراعظم چيو ته ??سان جا ڪجهه مخالف ڌر جا ماڻهو اهو چون ٿا ته ??مريڪا کانسواءِ اسان مري وينداسين ته ٻين تي دارومدار ڪندڙ اهي ماڻهو مري وڃن ته ??هتر آهي، اسان کي قانون جي حڪمراني تي دارومدار ڪرڻو آهي، بي اعتمادي رٿ جي سازش اين آر او جي لاءِ آهي، جنرل مشرف اين آر او ڏئي قوم تي ظلم ڪيو. نيويارڪ مان شاهد رضا جي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??وورسيز پاڪستانين جي امداد سان ئي شوڪت خانم جو خواب تعبير ٿيو، اهي پاڪستان جو درد رکندڙ ماڻهو آهن، منهنجي سوچ سدائين اها رهي آهي ته پاڪستان منهنجو گهر آهي، اوورسيز پاڪستانين کي ڪرپٽ حڪمران ڏسي ڏک ٿئي ٿو ۽ ٻاهرئين سازش سان جڏهن اهي اقتدار ۾ اچڻ جي سازش ڪن ٿا ته ??نهن کي وڌيڪ ڏک ٿئي ٿو، پنهنجي ماڻهن کي قربان ڪري ٻين جي مفاد جو خيال ڪندڙ قومون آزاد نه ٿيون ٿي سگهن، ذوالفقار علي ڀٽو کانسواءِ ڪڏهن آزاد پرڏيهي پاليسي نه رهي، منهنجي جدوجهد هن ملڪ جي لاءِ آهي، پنهنجي ذات جي لاءِ نه آهي. برطانيا مان ڊاڪٽر عصمت رانا جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي پاڪستان هاڻي بدلجي چڪو آهي، هاڻي پاڪستان اهو ناهي رهيو ته ??والفقار علي ڀٽو جو قتل ٿئي ۽ ملڪ خاموش رهي، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، هن سازش کان پوري قوم آگاهه آهي، پئسو هلائي ميڊيا کي ملايو ??يو آهي، 30 سالن تائين هڪ ٻئي کي برو ڀلو چوندڙ ۽ هڪ ٻئي جي خلاف ڪرپشن جا ڪيسز ٺاهيندڙ هاڻي گڏ ٿي ويا آهن. هن چيو ته قوم کي چوان ٿو ته ??ها هن سازش جي خلاف احتجاج ڪري ته ??يئن دنيا ڄاڻي سگهي ته پاڪستاني هڪ زندهه قوم آهن. وزيراعظم چيو ته مون انهن کي اسيمبلي ۾ شڪست ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ آئون شڪست ڏئي ڏيکاريندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف 1985ع کانپوءِ ملڪ ۾ لفافا جرنلزم، ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ ڇانگا مانگا لڳايو، ججز کي پئسا ڏنا، چيف آف آرمي اسٽاف کي بي ايم ڊبليو گاڏي جي چاٻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سان گڏوگڏ قوم جي اخلاقيات تباهه ڪرڻ ۾ زرداري جو به هٿ آهي، هن سٺي ۽ بري جي تميز ختم ڪري ڇڏي، سنڌ هائوس ۾ بي اعتمادي رٿ جي لاءِ ضميرن جا سودا پئسي جي ذريعي ٿي رهيا آهن، نوجوانن کي چوان ٿو ته هن سازش کي قبول ناهي ڪرڻو، قوم ڪڏهن به انهن چورن کي واپس اچڻ نه ڏيندي، خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ تحريڪ انصاف ڪلين سوئيپ ڪيو، اهي نتيجا ڏسي جيڪي ميمبر (ن) ليگ جي ٽڪيٽ جي لاءِ منحرف ٿيا هئا اهي هاڻي خوفزده آهن ۽ رات کان مون کي انهن جا پيغام اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اهي غدارن جو ساٿ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ته مون 10 سال اڳ چيو ??و ته هي سڀ چور منهنجي خلاف گڏ ٿي ويندا ڇو ته ??نهن کي خبر هئي ته مون کي انهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو، عمران خان الله کانسواءِ ڪنهن جي آڏو نه جهُڪندو، مون ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته ڪنهن ملڪ سان دشمني ڪرڻي آهي جڏهن ته ??سان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ملڪي مفاد اولين ترجيح آهي، آئون آمريڪا ۽ ڀارت جي خلاف نه آهيان، سڀني سان دوستي چاهيان ٿو پر منهنجي پرڏيهي پاليسي پنهنجي عوام جي مفادن جي عڪاس هوندي. هن پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجو (ن) ليگ وارن کان سوال آهي ته ڇا انهن کي ڪرپٽ شريفن کانسواءِ ڪو ليڊر نه ٿو ملي، مرڪز ۾ پيءُ ۽ صوبي ۾ پٽ وزارت اعليٰ جو اميدوار آهي ۽ ٻنهي تي ڪرپشن جا ڪيسز آهن، انهن ٻنهي کي روڪڻ جي لاءِ منهنجي ميمبرن کي هدايت آهي ته ??هي نه رڳو اجلاس ۾ شريڪ ٿين پر انهن جي خلاف ووٽ ڏين، جيڪڏهن ڪو ميمبر ووٽ نه وجهندو ته مجبوري ۾ ان جي خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ملڪ کي مضبوط فوج جي ضرورت آهي، دنيا جي مسلمان ملڪن سان جيڪو سلوڪ ٿيو ۽ جيڪا تباهي ٿي اسان خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ مضبوط فوج آهي، نواز شريف ۽ ان جي ڌيءَ ان فوج کي نشانو بڻايو، منهنجو فوج سان ڪو مسئلو نه آهي، فوج جي غيرجانبدار رهڻ جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا، فوج سان ڪو اختلاف نه آهي جڏهن ته ??مر بالمعروف جي لاءِ سڄي قوم کي چوان ٿو ته ??ها سٺائي سان گڏ بيهي. هن عوام کي چيو ته ??ها ڇنڇر ۽ آچر ??ي پرامن احتجاج ڪري جڏهن ته ڪنهن به قسم جي ٽوڙ ڦوڙ يا بدامني کان بچي.