اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم س??ن ڳنڍڻ جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ته حڪومت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته 5 سال گذري وڃڻ جي باوجود پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ ??ير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ ??ير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا جمود جو شڪار رهيا.