ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان ??حمد شهباز شريف ڪراچي ۾ ??اڻ?? جي فراهمي جي منصوبي کي 2024?? تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??اڻ?? جي فراهمي جو مسئلو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چين جي حڪومت سان ڳالهائينداسين، وفاق ترقياتي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، ڪراچي ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ سان ??اڻهن کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني آهي ۽ اتي ان ??ختي عزم جو اظهار ڪيو ته اسان باباءِ قو?? جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڪستان کي سندس خواب جي حقيقي تعبير بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم سان ??فيد ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني، مون کي خوشي ٿي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ ??اڻ?? جي فراهمي ۽ ٻين منصوبن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي ٽيم محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، کين يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان ??ڪمل تعاون ڪندي ۽ وفاق ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻايون، شروع ۾ چيني عملدارن ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائن لاءِ غور هيٺ آڻڻ جو شروع به ڏنو هو پر بعد ۾ حالتون تبديل ٿي ويون، هاڻي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چيني حڪومت سان ڳالهه ڪريون. هن چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف ??اڻ?? جو مسئلو تمام وڏو چئلينج آهي، ان ??عاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪراچي ۾ ??اڻ?? جي فراهمي جي اڌ گنجائش 2024?? تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو هو پر مون هدايت ڪئي آهي ته 2024?? تائين ڪوشش ڪنداسين ته پورو منصوبو مڪ??ل ٿي وڃي ڇو ته ??اڻ?? بنيادي ضرورت آهي، ڪراچي جو اهو مسئلو حل ٿي وڃي ته اها عوا?? جي تمام وڏي خدمت هوندي، وزيراعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي، اورينج لائن، ريڊ لائن ۽ گرين لائين منصوبا تقريبن مڪ??ل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شفاف طريقي سان ايئر ڪنڊيشنڊ بسون گهرايون وڃن ته ان ??ان ??اڻهن کي سفر جي بهترين سهولت حاصل ٿيندي. سٺي ساک رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي پري ڪواليفائي ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ ٻولي ٿئي، بئنڪن سان گڏجي کين قرض ڏيارينداسين ۽ ان تي وياج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي برداشت ڪري سگهن ٿيون ته اها ٽرانسپورٽرز لاءِ تمام وڏي سهولت هوندي، اسان جي بهترين ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات رهي آهي، رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي ۾ والهاڻي استقبال تي پاڪستان ??يپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان.