اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستا?? جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻه?? جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي ل??ءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا برن سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ ج??ري ڪيا. هن چ??ر زخمي?? جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.