اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل ??عق??ب علي نظري ڪيو. پرڏيهي وز??ر مزار تي حاضري ڀ??ي ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون ۽ آ??تانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وز??ر پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ رهائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.