اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو ??هي ته پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ۽ ان مرض کي سدائين جي لاءِ شڪست ڏيڻي آهي، سومر کان شروع ٿيندر پوليو مهم کي گڏجي ڪامياب بڻائڻو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته پوليو هڪ جان وٺندڙ وائرس ??هي جيڪو نه رڳو زندگي پر ٻارن جي مستقبل جي لاءِ پڻ خطرو آهي، اها ڳالهه افسوس جوڳي ??هي ته اسان اڃا تائين مڪمل طور تي پوليو جو خاتمو ??ه ڪري سگهياسين. هن چيو ته سومر کان شروع ٿيند?? پوليو مهم جو هدف 25 انتهائي پٺتي پيل ضلعا آهن، اچو گڏج?? ان کي ڪامياب بڻايون ۽ پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست ڏيون.