اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار ٿيو. سينيٽر ??شاهد حسين سيد سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي، جسٽس علي نواز چوهاڻ، ڊائريڪٽر جنرل ??نسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي ڊائريڪٽر انڊيا اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر ارشد علي، ڪش??يري دانشور ڊاڪٽر ??ليد رسول ۽ ٻين مقررين خطاب ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل ??نسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري خطاب ڪندي چيو ??ه ڪشميري عوام 1931ع کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، 3 سال اڳ والاريل ڪش??ير جي سڃاڻپ تي حملو ٿيو ۽ ڀارت هاڻي والاريل ڪش??ير ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪش??يرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکندو. ڊاڪٽر ارشد علي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جا هڪطرفا قدم عالمي قانونن، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي آهي،هن چيو ته والاريل ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي قابض فوج 640 ماڻهن کي شهيد ڪيو آهي جن مان 120 کي حراست دوران قتل ڪيو ويو جڏهن ته رياست جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ 3 ملين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي خطاب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019عڳ ڪش??ير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڪش??ير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي تڪراري مسئلو آهي پر ڀارت اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ان جو اڻٽٽ انگ آهي، 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ اهڙا قانون لاڳو ڪيا آهن جن جو مقصد مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. گيمبيا جي اڳوڻي چيف جسٽس علي نواز چوهاڻ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ڪش??ير جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيو آهي، ڪنهن به تڪراري علائقي ۾ اهڙي ڪا به ڪارروائي ۽ ماڻهن تي ظلم جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته انهن معاملن کي گڏيل قوم ۽ ٻين عالمي قانوني فورمن تي کڻي وڃي سگهجي ٿو. سينيٽر ??شاهد حسين سيد سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته 5 آگھسٽ 2019ع جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ ۽ پاڪستان سان معاهدن تي حملو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ 50 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پراپرٽي لاء به تبديل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڀارت ان دوران ڪش??ير جي معيشت کي 5.3 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي جڏهن ته ن جي نتيجي ۾ 5 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. سينيٽر ??شاهد حسين سيد چيو ته ڀارت جو اصل هدف پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ڪش??يري دانشور اڪٽر ??ليد رسول چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني آهي. هن چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي سان والاريل ڪش??ير جي معصوم ماڻهن کي نه ٿو دٻائي سگهي. مقررين چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندا، ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو ڪش??ير تي هڪ جهڙو موقف آهي. 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارت جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي جو ڪش??ير بابت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ جو مقصد رياست ۾ بي جي پي کي اقتدار ۾ آڻڻ آهي.