اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي ??جلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي ??تفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار تي ??ي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي ??اء?? يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي ??اء?? مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي ??ور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي ??اء?? پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪستان جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ??اء?? گڏجي ڪم جاري رکڻ تي ??تفاق ڪيو.