ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري وچ لوڪا شينڪو ثمرقند ?? ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ?? ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀ??و زرداري، خواجه محمد آصف ۽ مفتاح اسماعيل پڻ مو??ود هئا.